بگن چانڊيو

بگن چانڊيو: ڪامريڊ غلام رسول عرف بگن چانڊيو، 1948ع ۾ ڪاڇي جي هڪ غريب هاري الهندي خان چانڊيي جي گهر ۾ ميهڙ جي ڳوٺ گاهي مهيسر ۾ ڄائو. هن جا وڏا اصل ڪاڇي جي ڳوٺ شيخ نوتيءَ جا رهاڪو هئا، جيڪي 1942ع واري مهاٻوڏ ۾ ميهڙ لڏي آيا، هن جو ننڍپڻ ۾ ئي پيءُ گذاري ويو. ڪامريڊ بگن چانڊئي ابتدائي تعليم پرائمري اسڪول گاهي مهيسر ۾ حاصل ڪئي. عربي ۽ فارسي قاري محمد ڏيري وٽ پڙهيو. پيءُ جي وفات ۽ غربت سبب اڳتي پڙهي نه سگهيو ۽ پنهنجي ڀائرن سان هارپو ڪرڻ لڳو. مشهور هاري اڳواڻ ڪامريڊ قاضي غفار، نامياري اديب ۽ مترجم م.ن محزون، انور ضياء عباسي سان سندس دوستي ٿي، جنهن بعد سنڌي ادب ۽ تاريخ جو وڏو مطالعو ڪيائين. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ فاضل راهوءَ جي هاري هلچل کان متاثر ٿي، ڳوٺن ۾ هارين ۽ مزدورن کي متحد ۽ منظم ڪرڻ لاءِ جاکوڙڻ لڳو. وڏيرن ۽ سرمائيدارن جي ظلمن کان نجات ڏيارڻ لاءِ هن هارين کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿيڻ جو سڏ ڏنو. ان سان گڏ ڪامريڊ بگن چانڊئي پنهنجي علائقي ۾ توهم پرستي ۽ پير پرستيءَ کي للڪاريو، ڪچي ۽ ڪاڇي جي ڳوٺن ۾ وڃي هن هارين سان ڪچهريون ڪري کين منظم ڪيو.
ڪامريرڊ بگن چانڊيو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ فاضل راهو جو وڏو عاشق هو. هن کي لطيف سائين جا ڪيترا سُر معنيٰ ۽ مفهوم سان برزبان ياد هوندا هئا. قرآن مجيد، گيتا، انجيل تي به کيس وڏي دسترس حاصل هئي. ڪامريڊ بگن چانڊيو عملي انسان هو، جنهن سماج جي ڪڌين ۽ مُدي خارج ريتن رسمن جي خلاف بغاوت جو علم بلند ڪيو. هو چوندو هو ته ڪو به انسان گهٽ نه آهي. سمورا انسان پاڻ ۾ ڀائر آهن. هن ارڏي انسان وڏيرا شاهي ۽ پير پرستيءَ خلاف تمام وڏو جهاد ڪيو. علم و ادب ۽ فڪر ۾ تر اندر ڪيترائي شاگرد پيدا ڪيا. ضيائي آمريت خلاف هلچل جو هيءُ کاهوڙي ڪردار، اصول پسند ۽ گمنام سپاهي 25 جنوري 2005ع تي وفات ڪئي.


لفظ بگن چانڊيوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو